منير احمد چانڊيو

منير احمد چانڊيو

چانڊيو منير احمد

چانڊيو، منير احمد: سماجي ڪارڪن، ڊرامه نگار ۽ رانديگر منير احمد چانڊيو، 1 اپريل 1943ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. 1965ع ۾ بي. اي ۽ 1975ع ۾ ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪيائين. کيس ننڍي هوندي کان ڪرڪيٽ جو بي انتها شوق هو. 72-1970ع ڌاري ورلڊ اليون پاران ڪراچيءَ جي دؤري وقت ويسٽ انڊيز جي ڪپتان ڪلائيو لائيڊ ۽ ڪالي چرن کي نيٽ پريڪٽس بالنگ منير چانڊيي ڪرائي هئي، پر هڪ سنڌيءَ جي حيثيت ۾ ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل ٿيڻ وارو سندس خواب پورو ٿي نه سگهيو.
منير احمد چانڊيو انويسٽمينٽ ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ 1966ع ۾ ملازم ٿيو، ۽ اتي ايمپلائيز فرنٽ جو بنياد وڌائين. 1968ع کان 1982ع تائين ان فرنٽ جو جنرل سيڪٽري رهيو. 1971ع کان 1986ع تائين پاڪستان بينڪس ايمپلائيز فيڊريشن جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ 1982ع کان 1987ع تائين ڊپٽي سيڪريٽري رهيو. هـيءُ سـٺـو ڊرامـا نـگار بـه رهـيـو آهـي. سـندس هيـٺيـان ڊراما ٽـي. ويءَ تـي نـشـر ٿـيـا آهـن: (1) ’چـيـمپـئـن‘، (2) ’ديسي سيڻ ڪجن‘، (3) ’سوداگر‘ ۽ (4) ’ساحل‘ .
هن روسي صدر برزنيف جي سوانحي ڪتاب جو انگريزيءَ مان ’ڪنواري ڌرتيءَ‘ جي نالي سان ترجمو ڪيو. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن جي باني ميمبرن مان آهي ۽ 1985ع کان 1987ع تائين ان جو جنرل سيڪريٽري به رهيو. منير احمد چانڊيي سال 1974ع ۾’سنڌ رورل ورڪس ڪوآپريٽو آرگنائيزيشن‘ جو بنياد وڌو، جنهن جو صدر رهيو. هن دنيا جي مختلف ملڪن مان تربيت حاصل ڪئي آهي. کيس انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (ILO) پاران مڃتا طور پئجيرو جيپ ڏني وئي. منير احمد چانڊيي ڪيترا اوارڊ به حاصل ڪيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1943.04.01  عيسوي

سماجي ڪارڪن، ڊرامه نگار ۽ رانديگر منير احمد چانڊيو، 1 اپريل 1943ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آچر گاڏي
خواجه عبدالرحمان مجددي سرهندي
خواجه غلام محمد نقشبندي
ڀڳت کيمچند آسناڻي
ٽکڙائي حاجي عبدالستار جان
حسين ساريو
سيد غوث حسين شاهه 1
حاڪم علي زرداري
شيخ موسيٰ آهيداڻي
جمعو خان غريب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون